پلي وڏيرو عبدالحليم

پلي، وڏيرو عبدالحليم: وڏيرو عبدالحليم ولد محمد طيب پلي، ڳوٺ ڳموري، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ جو رهاڪو هو. هي انگريز دور جو مشهور شخص ٿي گذريو آهي. زمينداريءَ سان گڏ شڪار جو وڏو شوقين ۽ مشهور نشاني باز هو. اڏامندڙ پکيءَ کي پاڇي جي نشان تي ڪيرائيندو هو. هرڻ کي گلي جي نشان تي ڌڪ هڻندو هو. ڪيترائي دفعا شينهن جو شڪار ڪيائين. سندس شينهن جي شڪار جي فَن تي لطف الله حساماڻيءَ هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو هفتيوار همدرد، ميرپورخاص ۾ قسطوار ڇپيو. هن شهنشاهه جارج پنجين سان گڏ هاٿيءَ تي ويهي شينهن کي نشانو بنايو هو. سندس اها تصوير برٽش ميوزيم لنڊن ۾، شهنشاهه جارج پنجين سان گڏ موجود آهي. کانئس پوءِ سندس فرزند جان محمد پلي به سپوت ساماڻو، جيڪو ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. سندس پوٽو قاضي غلام رسول پلي به ناري پٽ جو اهم شخص ٿي گذريو آهي. وڏيري عبدالحليم 13 ڊسمبر 1932ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو